جامعه مدرسه اسلاميه

جامعه مدرسه اسلاميه: هي مدرسو ڪراچيءَ جي مشهور سماجي ڪارڪن ۽ سياستدان سيٺ حاجي عبدالله هارون 1927ع ۾ کڏي، لياريءَ ۾ قائم ڪيو هو. جنهن سان گڏ هڪ يتيم خانو به قائم ڪيو ويو هو، جيڪو اڄ به موجود آهي. غريب ٻارن جي تعليم لاءِ هن مدرسي به ٻين وانگر اهم ڪردار ادا ڪيو. حاجي عبدالله هارون تعليم جي سلسلي ۾ وڏيون ڪوششون ورتيون ، ڪيترائي اسڪول قائم ڪيا. سندس نالي پويان عبدالله هارون ڪاليج اڄ به کڏي ۾ موجود آهي. لياريءَ جھڙي پٺتي پيل علائقي ۾ تعليم جي روشني ڦهلائڻ ۾ حاجي عبدالله هارون جو نالو تاريخ ۾ هميشه سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو.



هن صفحي کي شيئر ڪريو